سکر ۾ 79 ڪروڙ جي ايم اينڊ آر اسڪيمن جي منظوري

سکر(رپورٽر)  ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن دوران 793381000 (79 ڪروڙ 33 لک 81 هزار) رپين جي مجموعي لاڳت سان مختلف ايم اينڊ آر اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي، ڪمشنر سکر مرمتي اسڪيمن ۾ ڪم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ پروڪيورمينٽ جي سلسلي ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمدعلي قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله، چيف انجنيئر هاءِ ويز ڊويزن سکر سيد ڪاظم رضا شاهه، ايم ايس غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڊاڪٽر تسليم خميساڻي، پراونشل، ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز، بلڊنگس، مڪاني ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊويزنل اوورسائيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جون پراونشل/ڊسٽرڪٽ بلڊنگ ۽ هاءِ ويز کاتن جون مختلف روڊن ۽ سرڪاري عمارتن جي مرمت جي سلسلي ۾ ايم اينڊ آر اسڪيمون ڌار ڌار منظوري لاءِ پيش ڪيون ويون. ٽنهي ضلعن ۾ هلندڙ مالي سال 21-2020ع دوران پراونشل هاءِ ويز جي ايم اينڊ آر اسڪيمن لاءِ 347154000، پراونشل بلڊنگس مرمتي اسڪيمن لاءِ 276119000 رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز جي ايم اينڊ آر اسڪيمن لاءِ 148782000 رپيا، ڊسٽرڪٽ بلڊنگس لاءِ 21326000 رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي ريت سکر ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي روڊس ۽ بلڊنگس مرمتي اسڪيمن لاءِ 793381000 رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.