مبارڪپور ڀرسان جشن عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ساليانو پروگرام

مبارڪپور (ن ع آ)مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ حاجي ميھار شر ۾ مانجھي خان شر جي صدارت ھيٺ ٽيون ساليانو محفل ميلاد جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن  جو مھمان خاص عزاداري ڪائونسل جيڪب آباد جي جنرل سيڪريٽري سيد شبير شاھ ، تاج علي انقلابي ، الطاف حسين رضوي سميت شڪارپور کان آيل نعت خوان فقير غلام نبي جمالي ۽ مقامي مشھور نعت خوان احسان علي شاھ ۽ ڪاشف کوسو آيو منھنجو سھڻو نبي آيو منھنجو مٺڙو نبي نعت پڙھي پروگرام ۾ ويٺل عاشقن کي جھومائي ڇڏيو ھوڏانھن تاج علي انقلابي خطاب ڪندي فرمايو ته محبوب مديني واري مير جو دنيا ۾ اچڻ اسان لاء تمام وڏي نعمت ۽ خوشنصيبي آھي اسان انھي نبي جا امتي آھيون جنھن لاء سوا لک نبين امتي ٿيڻ جي دعا گھري ، رحمت العالمين پوري عالم لاء رحمت بڻجي آيا ، پروگرام جي دعا سائين شبير علي شاھ گھري.

ڊکڻ جي پرائمري استاد ۽ سماج سڌارڪ منظور احمد گلال تعليم کاتي مان رٽائرڊ، مان ۾ تقريب

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد آباد جو پرائمري استاد ۽ سماج سڌارڪ منظور احمد گلال رٽائر ٿي ويو،هڏهن ته رٽائر ٿيل پرائمري  استاد منظور احمد گلال جي مان ۾ الوداعي آجياڻي جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي،تقريب کي خطاب ڪندي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ڳڙهي ياسين محمد اسحاق ٻرڙو چيو ته اسانکي اوليت جي بنياد تي تعليم کي عام ڪرڻو پوندو،اسانجو سماج تڏهن ئي ترقي ڪري سگهندو،جڏهن اسانجا استاد پنهنجي اسڪولن ۾ پڙهائڻ کي فرض سمجهي نڀائيندا، پ ٽ الف تعلقي ڳڙهي ياسين جي صدر يار محمد بروهي، ڪهاڻيڪار يار محمد چانڊيو، عبدالله گوپانگ،سميع ساجد جوڻيجو،مظفر حسين سولنگي،منصور احمد چانڊيو،الهڏنو وڳڻ،منير احمد سيلرو،شاهد حسين شاھ،سليم انڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.