حيدرآباد: ”سنڌ ۾ قانون کان مٿانھان قتل“ جي عنوان ھيٺ گڏجاڻي

حيدرآباد ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران سنڌ ۾ قانون کان  مٿانھان قتل جي عنوان ھيٺ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

گڏجاڻي ۾ ايڊووڪيٽ علي پلهھ، پروفيسر بدر سومرو، پشپا ڪماري ۽ غفرانھ آرائين ڳالهائيندي چيو ته آئين ۽ قانون فل فراءِ توڙي ھاف فراءِ يا گرفتار جوابدار تي تشدد توڙي ڪنھن بھ شھري جي جبري گمشدگي جي اجازت ئي نھ ٿو ڏئي، هنن چيو ته ڪنھن بھ شھري کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ سندن ڏوھ ٻڌائڻوھوندو آھي تھ کيس ڇو ٿو گرفتار ڪيو وڃي، اڳواڻن چيو ته جبرن کنڀي گم ڪيل ماڻھن تي بھ ٽارچر ڪيو وڃي ٿو، ان سبب ئي ڪيترائي واپس ايندڙ ماڻھو پنھنجا حواس ئي وڃائي ويھندا آھن ۽ سالن تائين نارمل زندگي گذاري نھ ٿا سگھن

ھنن چيو تھ سنڌ ۾ اڪثر پوليس مقابلا ڪوڙا ھجن ٿا، پوليس ماڻھن کي گرفتار ڪري سندن گرفتاري ظاھر نھ ٿي ڪري ۽ ڪجھ ڏينھن کانپوءِ کين ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏي ٿي …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.