بدين: پير آف لواري شريف طرفان جشن عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان محفل

لواري شريف ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان محفل ٿي جنهن ۾ عالمن پاڻ سڳورن جي سيرت تي روشني وڌي

پير محمد صادق قريشي نقشبندي پير آف لواري شريف طرفان لواري پئلس بدين تي “جشن عيد ميلادالنبي صلعم” نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، هن پرنور محفل ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي نامور عالم دين علامه و مولانا غلام مصطفئ ٻگھيو، علامه و مولانا اسد الله ڏاھري، علامه مولانا مولوي محمد عيسيٰ اوٺو، حافظ امداد حسين راهو، حافظ عبدالرحمان اوٺو، مولانا محمد احمد اوٺو، علامه و  مولانا غلام علي نعيمي، علامه و مولانا غلام مصطفيٰ  نعيمي ۽ پنجاب مان آيل پروفيسر ڊاڪٽر سيد اظفار حيدر شاهه مڪان شريفي جن سيرت النبي صلعم تي روشني وڌي، هن مذهبي تقريب ۾ جماعت لواري شريف جي مريدن ۽ عقيدتمندن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.