گھوٽڪي: نوجوان تيز ڌار اوزار سان قتل، لاش ڪمند مان هٿ

گھوٽڪي ويجھو ڪمند جي فصل مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي

آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وسطي عنايت شاهه ۾ 20 ورهين جي نوجوان پسند علي ڀٽو جو لاش ڪمند جي فصل مان لاش هٿ آيو آهي، نوجوان جي ڀاءُ شائق علي ڀٽو ٻڌايو ته ڀاءُ کي تيز ڌار اوزار پيٽ ۾ هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي

هوڏانهن واقعي جو اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقه اسپتال پهچايو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.