ڀارتي پوليس اداڪارا تي چاقو سان حملو ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ورتو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ممبئي پوليس شادي کان انڪار تي اداڪارا تي چاقو سان حملو ڪندڙ جوابدار تائين پهچي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس اداڪارا مالوي ملهوترا تي گذريل ڏينهن چاقو سان حملو ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ورتو آهي، جنهن جي سڃاڻپ يوگيش مهيپال سنگهه جي نالي سان ٿي آهي.

رپورٽن موجب پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اڱاري جي رات ئي ممبئي کان 50 ڪلو ميٽر پري پلگهار ضلعي ۾ اسپتال مان ٽريس ڪيو ويو هو.

پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ ان وقت ٿي، جڏهن پوليس جي ٽيم واقعي بابت جاچ لاءِ اسپتال پهتي، جوابدار ان ئي اسپتال ۾ پنهنجي علاج لاءِ داخل آهي، تنهن ڪري ان کي باضابطه طور گرفتار ناهي ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪارا مالوي ملهوترا ٻڌايو هو ته جوابدار شادي کان انڪار تي مٿس چاقو سان حملو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪار ۾ فرار ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا مالوي ملهوترا هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.