ڪلڀوشن ۽ اڀي نندن جي معاملي تي قوم کي گمراهه ڪيو پيو وڃي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ن ليگ اڳواڻ اياز صادق طرفان ڀارتي پائلٽ اڀي نندن بابت بيان کي حقيقت جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اياز صادق دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت گوڏا کوڙي ڀارتي پائلٽ اڀي ننڊن کي واپس موڪليو، ميٽنگ ۾ وزيراعظم اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر آرمي چيف ان ۾ شريڪ هو، پگهر ۾ ٻڏل پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خدا جي واسطي اڀي نندن کي واپس موڪليو، اڄ رات 9 وڳي ڀارت حملو ڪري رهيو آهي.

اياز صادق جي بيان تي ردعمل ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ن ليگ اڳواڻ مان اهڙي ڳالهين جي اميد نه هئي، هن جيڪو موقف اختيار ڪيو اهو حقيقت جي ابتڙ آهي، انٽيليجنس ڄاڻ تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو هو، جنهن ۾ اڀي نندن جو ذڪر نه هو.

هن چيو ته سياسي مقصدن لاءِ اهڙيون غير ذميواراڻيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ذميوار ماڻهو غير ذميوار گفتگو ڪري رهيا آهن جنهن تي حيراني آهي، اپوزيشن انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو پڙهي ۽ پاڪستان جو موقف به پڙهيو وڃي، اهي ماڻهو ڪلڀوشن ۽ اڀي نندن جي معاملي تي قوم کي گمراهه ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته اڀي نندن جي معاملي کي بنا سبب تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهن هر شئي کي سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، جيڪو عمل انتهائي افسوس ناڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.