ن ليگ جا اڀي نندن ۽ ڪلڀوشن معاملي تي حڪومت تي سنگين الزام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ ن ليگ اڳواڻ اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت گوڏا کوڙي ڀارتي پائلٽ اڀي ننڊن کي واپس موڪليو.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اياز صادق چيو ته ميٽنگ ۾ وزيراعظم اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر آرمي چيف ان ۾ شريڪ هو، پگهر ۾ ٻڏل پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خدا جي واسطي اڀي نندن کي واپس موڪليو، اڄ رات 9 وڳي ڀارت حملو ڪري رهيو آهي.

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف پڻ حڪومت تي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي رهائي لاءِ سهولتڪاري جو الزام هنيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته حڪومت اڀي نندن جيان ڪلڀوشن کي به باعزت بري ڪري ڀارت موڪليندي ۽ ان ئي مقصد لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.