خبردار، ماسڪ نه پائڻ تي گرفتاري به ٿي سگهي ٿي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ضلعي انتظاميا ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزا شفقات طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ماسڪ پائڻ جي حوالي سان شهر ۾ قلم 144 جلد لاڳو ٿيندو ۽ قلم 144 ٻن مهينن تائين لاڳو رهندو.

ڊپٽي ڪمشنر موجب عوامي هنڌن تي ماسڪ نه پائڻ تي پوليس گرفتاري به ڪري سگهي ٿي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب اين سي او سي گهران نڪرڻ جي صورت ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.