سپريم ڪورٽ پنهنجي ئي بئنچ جو فيصلو غير اثرائتو قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پنهنجي ئي 3 رڪني بئنچ جو فيصلو غير اثرائتو قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي انتظامي اختيارن بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو جسٽس اعجاز الاحسن لکيو آهي.

5 رڪني لارجر بئنچ جي 42 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ ڪو اختلافي نوٽ شامل ناهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽس ۾ مقرريون چيف جسٽس ۽ ججن جو انتظامي ۽ ايگزيڪيوٽو اختيار آهي، جج صاحبن جا انتظامي حڪم انفرادي طور نه پر اداري طور تصور ڪيا ويندا ۽ ججن صاحبن جي انتظامي حڪمن جي تعريف آئين جي آرٽيڪل 192 ۾ ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 2010 ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيل مقررين کي غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.