قومي اسيمبلي ۾ گوڙ، پ پ ميمبر کي ايوان مان ڪڍيو ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن جي واڪ آئوٽ کانپوءِ پ پ ميمبر ۽ اسپيڪر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پ پ ايم اين اي ايوان مان ڪڍيو ويو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن جي مُنڍ ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اجلاس ڪجهه دير رڪجڻ کانپوءِ ٻيهر شروع ڪيو ويو.

اجلاس ۾ درآمدي پاليسي خلاف اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، ان دوران پ پ جي آغا رفيع الله اعتراض جي نڪتي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر کيس مائيڪ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هن احتجاج ڪيو.

آغا رفيع جي احتجاج تي قاسم سوري جي ان سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته مان توهان کي وارننگ ڏئي رهيو آهيان آرام سان ويهو، توهان کي ايوان مان ڪڍي ڇڏيندس.

پوءِ ڊپٽي اسپيڪر پ پ ميمبر کي ايوان مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان معاملي تي پ پ جي راجا پرويز اشرف ڊپٽي اسپيڪر کان معذرت ڪئي ۽ رولنگ واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي پر قاسم سوري معذرت قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته آغا رفيع ٻاهر هليو وڃي پوءِ واپس اچي وڃي، ائين معاملو ختم نه ٿيندو.

هن چيو ته آغا رفيع سڄي سيشن ۾ ايوان ۾ نٿو اچي سگهي، هو ايوان جي ڪارروائي ۾ گهڻي مداخلت ڪرڻ لڳو آهي ۽ ڏاڍي بدتميزي ڪري ٿو.

ڊپٽي اسپيڪر جي حڪم تي پ پ ميمبر 3 منٽ ٻاهر رهڻ کانپوءِ وري ايوان ۾ موٽي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.