ڪورونا جي ٻي لهر، دڪان ۽ پارڪ جلد بند ڪرڻ جو فيصلو، ماسڪ جو استعمال لازمي قرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻيهر پکيڙ کي ڏسندي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شهري گهرن کان ٻاهر نڪرندي ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۾ به ماسڪ لازمي طور پاتو وڃي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب بازارن ۽ شاپنگ مالز ۾ به پاسڪ جي پابندي لازمي آهي، جڏهن ته هيل تائين 11 شهرن ۾ 4 هزار 374 لاڪ ڊائون لڳايا ويا آهن.

پڌرائيءَ ۾ سڄي ملڪ ۾ شاپنگ مال، دڪان ۽ مارڪيٽون رات 10 وڳي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تفريحي ماڳ ۽ پبلڪ پارڪ شام 6 وڳي بند ڪيا ويندا.

اين سي او سي طرفان اهو فيصلو ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ ايس او پيز تي عمل 29 آڪٽوبر کان ٿيندو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ايس او پيز تي ٻن مهينن تائين عمل ڪيو ويندو.

واضح رهي ته صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شروع ٿي چڪي آهي، جنهن سبب هاڪاري ڪيسن جي شرح اڍائي کان پوڻا 3 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.