وزيراعظم توهين رسالت ۽ اسلامو فوبيا تي مسلم ملڪن جي سربراهن کي خط لکي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان توهين رسالت ۽ اسلامو فوبيا جي معاملي تي مسلم ملڪن جي سربراهن کي خط لکي ڇڏيو.

پنهنجي خط ۾ وزيراعظم عمران خان توهين رسالت ۽ اسلامو فوبيا خلاف متحد هجڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو وقت جو تقاضو آهي ته متحد ٿي دنيا کي واضح پيغام پهچايون.

وزيراعظم لکيو آهي ته گستاخ خاڪن خلاف يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي لهر وڌندي نظر اچي رهي آهي، اڄ اسان مسلم امت ۾ وڌندڙ ڳڻتي ۽ بيچيني کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اولهه دنيا کي ٻڌائڻو پوندو ته ان گستاخي جي ڪري اسان ڪيترا ڏکارا آهيون.

واضح رهي ته فرانس ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت ۽ ان جي حق ۾ فرانسيسي صدر جي بيان کانپوءِ سڄي دنيا ۾ فرانس خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ مسلم ملڪن ۾ فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.