ٺري ميرواهه ۾ گهر تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺري ميرواهه (ت ر)ٺري ميرواهه جي جوڳي محلا ۾ ويٺل عاجز جوڳي جي گهر تي جوابدارن جو حملو مسمات فوزيه ۽ سراج احمد الزام هڻندي چيو ته  عادل جوڳي ۽ احمد علي جوڳي وارن زبردستي سان اسان کي ماري ڪٽي وارن کان وٺي گهليو اٿن جو اسان رڙيون ڪيون رڙين تي منهنجو پٽ ڀڄندو آيو ۽ محلي جا ٻيا ڪافي ماڻھون ڀڄندا آيا جو جوابدارن ماڻھن کي ايندو ڏسي منهنجي سونو لاڪيٽ به کڻي ويا ۽ جوابدار تڪڙ ۾ موٽر سائيڪل چالو ڪري ڀڳو ۽ وڃي ڪٿي ڪريو آھي اسان اهڙي اين سي ٺري ميرواه ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي ان جي باوجود پوليس ٺري ميرواه منهنجي مڙس کي بيگناه ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آھي هنن اعلا اختيارين کان اپيل ڪئي آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪندس يا ٿاڻي ٺري ميرواه ٿاڻي آڏو پاڻ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.