گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ ڳوٺ سياڻو شيخ جي رهواسين الاهي بخش، حاجي ٻاڇو، شاهه محمد، امير بخش، خادم حسين شيخ ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هنن دانهيو ته پ پ اڳواڻ ۽ واپڊا ملازم وڏيرو غلام حيدر ڪوري، انور، ستار، هادي بخش ۽ عابد ڪوري اسان جي مٿان مينهن چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي بي سيڪشن پوليس هٿان گهر تي چڙهائي ڪرائي، پوليس اسان جون 8 مينهون ۽ 11 ٻڪريون ڪاهي وئي، پر رڳو 8 مينهون ۽ 8 ٻڪريون ظاهر ڪري 3 ٻڪريون گم ڪيون ويون آهن، هنن چيو ته اسان اهڙي زيادتي خلاف ايس ايس پي وٽ وياسين، جنهن جي حڪم باوجود ڊي ايس پي حافظ عبدالقادر چاچڙ معاملي جي انڪوائري نه ڪئي، هنن چيو ته اسان مينهن جي چوري ناهي ڪئي ۽ ڪوڙو الزام هڻي اسان سان پراڻي تڪرار جو پلاند وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.، جنهن ۾ بي سيڪشن پوليس به وانگار وهي رهي آهي، هنن ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪري زيادتي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ گم ڪيل ٻڪريون به واپس ڪرايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.