تازي دهشتگردي، پاڪستان ڀارت جي ملوث هجڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گستاخ خاڪن جي معاملي تي فرانس مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته فرانس مان پنهنجي سفير کي مشاورت لاءِ گهرائڻو پيو ته گهرائينداسين، پارليامينٽ کان رهنمائي وٺنداسين.

دهشتگردي جي تازن واقعن تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ۾ ڀارت ملوث ٿي سگهي ٿو.

هن ڀارت سان ڳالهين جي امڪان کي رد ڪندي چيو ته ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن سبب پاڪستان ڀارت سان ڳالهيون نٿو ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.