محمد بخش مهر ۽ بنگل خان مهر جي پشاور ڌماڪي جي مذمت

 

خانپور (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مهر پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ملڪ جون حالتون بگاڙڻ لاءِ دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ٻِرن مان نڪري آيا آھن، انهن جون پاڙون پٽڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻو پوندو.

پشاور ڌماڪي تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سردار محمد بخش خان مهر ۽ مير بنگل خان مهر چيو ته واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي، ڌماڪي سان جاني نقصان تي صدمو پهتو آهي، متاثرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

گستاخ خاڪن جي معاملي تي هنن چيو ته وفاقي حڪومت سياست چمڪائڻ بدران فرانس سان سمورا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اسان مسلمان ڪا به گستاخي برداشت نه ٿا ڪري سگهون.

سندن چوڻ ھو ته رڳو پاڪستان ئي نه پر او آءِ سي ۾ شامل رياستن کي به فرانس خلاف احتجاج ڪندي واضح پيغام ڏيڻ کپي ته اهي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، او آءِ سي کي ان عمل خلاف تڪڙو اجلاس گهرائي گستاخ مواد خلاف ٺهراءُ پاس ڪرڻ کپي، جنهن ۾ اهو واضح ڪرڻ کپي ته اهڙا گستاخ خاڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.