کپرو: عدالتي حڪم تي پوليس جو ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 8 هاري بازياب

کپري ۾ کاهي پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل اٺن هارين کي بازياب ڪرائي ورتو

ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي کاهي پوليس ڳوٺ ٺريل مري ۾ زميندار اڪبر مري جي زمين تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 8 هارين کي بازياب  ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل هارين ۾ گومي، منگهو، چندر، مومل ۽ ٻيا شامل آهن

هارين جو چوڻ آهي ته زميندار جبري پورهيو ڪرائيندو هو ،جڏهن ته زميندار جو چوڻ آهي ته هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو هارين منهنجي قرض جا پئسا ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو آهي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب هارين کي سڀاڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو …..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.