”نيب جو وس هلي ته سڄي پاڪستان جا ڪيس مون تي مڙهي ڇڏي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي نيب جو وس هلي ته سڄي پاڪستان جا ڪيس مون تي مڙهي ڇڏي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف فيملي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

ان موقعي تي شهباز شريف دليل ڏيندي چيو ته اورنج لائن ٽرين منهنجو منصوبو آهي، منصوبي ۾ قومي ناڻي جا اربين رپيا بچايا، ان منصوبي کي ڄاڻي واڻي چئن سالن تائين روڪيو ويو.

هن چيو ته 72 سالن ۾ پهريون ڀيرو بڊنگ صفا سستي ڪرائي ۽ 81 ارب رپين جي رقم بچائي، نيب جو وس هلي ته سڄي پاڪستان جا ڪيس مون تي مڙهي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.