”ڪشمير مسئلو ايٽمي فليش پوائنٽ ئي نه پر انسانيت جي بقا جو به مسئلو آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ايٽمي فليش پوائنٽ ئي نه پر ڪشمير ۾ انسانيت جي بقا جو به مسئلو بڻجي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ يوم سياه ڪشمير جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب دوران هن چيو ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سياسي يا زميني تڪرار نه پر انسانيت جي بقا جو مسئلو بڻجي چڪو آهي.

هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي جيڪا عالمي قانون جي خلاف آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي قدم جغرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته اڄوڪي ئي ڏينهن قابض ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو هو ۽ تڏهن کان وادي ۾ انسانيت هر روز مري رهي آهي.

ان ڏس ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلا ناهن پر پاڪستاني نوجوان به انهن سان گڏ آهن ۽ انهن جي جدوجهد ۾ اسان آواز رهنداسين.

شاهه محمود قريشي عالمي سطح تي والاريل ڪشمير جو آواز بڻجڻ جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رابطن جي سمورن ذريعن تي پابندي هنئي آهي ۽ والاريل ڪشمير جو آواز دٻايو پيو وڃي پر اسان واضه ڪنداسين ته پاڪستان انهن ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجي عالمي سطح تي وادي ۾ ٿيل ظلم کان آگاهه ڪندو.

پرڏيهي وزير ڪشميري عوام سان ڀارتي غير انساني سلوڪ تي خاموشي تي عالمي برادري جي ڪردار تي افسوس جو اظهار ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته وزير اعظم عمران خان عالمي سطح تي هر فورم تي ڪشمير مسئلي کي ڪاميابي سان اجاگر ڪيو جنهن مان اِهو ثابت ٿي ويو ته هو ڪشمير جو حقيقي سفير آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.