ٻار جي ڄمڻ تي ماءُ سان گڏ پيءُ کي به موڪل جو بل منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻار جي ڄمڻ تي پيءُ جي موڪل بابت بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

پ پ اڳواڻ شازيا مري طرفان ڪميٽي ۾ پيش ڪيل بل ۾ چيو ويو ته ٻار جي پيدائش تي ماءُ سان گڏ پيءُ به هڪ مهيني جي موڪل جو حقدار آهي.

بل موجب پهرين ٻار جي پيدائش تي ماءُ کي 6 مهينا ۽ پيءُ کي هڪ مهينو موڪل ملندي.

بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ٻار جي پيدائش تي ماءُ کي 4 مهينا ۽ پيءُ کي هڪ مهينو موڪل ملندي، جڏهن ته ٽئين ٻار جي پيدائش تي ماءُ کي 3 مهينا ۽ پيءُ کي ساڳي هڪ مهينو موڪل ملندي.

بل موجب پيءُ کي ٽن ٻارن جي پيدائش تائين ئي موڪل ملي سگهندي ۽ ان تي عمل رڳو اسلام آباد ۾ ٿيندو.

اهو قانون وفاقي تخت گاهه جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن تي لاڳو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.