پشاور ڌماڪو: مريم نواز حڪومت تي ڏمرجي پئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز پشاور ڌماڪي تي وفاقي حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز لکيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جنهن دهشتگردي جي چيلهه ڀَڳي هئي، ان دهشتگردي اڄ مڙهيل نااهلي سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَرُ کنيو آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته ملڪ جي ذميوارن جو ڌيان پنهنجي ذميوارين بدران اپوزيشن کي دٻائڻ تي هجي ته ملڪ دشمنن جو ڌيان ملڪ جو امن برباد ڪرڻ تي هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.