سنڌ حڪومت يونيورسٽين ۾ گلگت ۽ آزاد ڪشمير جون سيٽون وڌائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت يونيورسٽين ۾ گگلت ۽ آزاد ڪشمير جون سيٽون وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙي ۽ يونيورسٽي اينڊ بورڊ سيڪريٽري علم الدين بلو شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪُل 25 يونيورسٽيون آهن، انهن يونيورسٽين ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون 162 سيٽون رکيل آهن.

اجلاس ۾ سنڌ جي 9 يونيورسٽين ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون 58 سيٽون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، باقي 16 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ سيٽون وڌائڻ لاءِ پي ايم ڊي سي ۽ ايڇ اي سي کان اجازت ورتي ويندي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت جي ان فيصلي سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ٻارن کي تعليم جي شعبي ۾ فائدو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.