شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري نيب جي اپيل خارج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ نيب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت لاهور هاءِڪورٽ جي فيصلي خلاف نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانا پنهنجي دليلن ۽ عدالتي پڇاڻي تي چيو ته شهباز شريف شڪي ٽرانزيڪشنز جي ڪري ڪرپشن جو ذ۾يوار ٿيو، نيب به اينٽي مني لانڊرنگ قانون جي تحت بااختيار آهي، ڪيترائي جوابدار انڪوائري سطح تي فرار ٿي ويندا آهن، شهباز شريف ريفرنس جا 6 جوابدار مفرور آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو هو پر هاڻ ڪيس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي.

جسٽس منيب اختر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ حڪمن وقت شهباز شريف تي سفري پابندي غير ضروري هئي، جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ عدالت اينٽي مني لاڊرنگ قانون جي تشريح ڪري چڪي، شڪي ٽرانزيڪشن ڪرپشن جي زمري ۾ نٿي اچي، نيب جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو پڙهڻ جي زحمت به نه ڪئي.

سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته شهباز شريف جيل ۾ آهي ته نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ سان ڇا ٿيندو؟ خبر آهي ته احتساب عدالت وٽ اختيارن جو دائرو آهي پر نيب انڪوائري دوران ئي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو، اي سي ايل مان نالو ڪرڻ کان پوءِ ڇا شهباز شريف فرار ٿيو؟ شهباز شريف اهڙو شخص ته آهي ڪو نه جنهن کي ڪير سڃاڻيندو نه هجي فرار ٿي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.