اوٻاوڙو: 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناري شيبا ڏهر بازياب

اوٻاوڙو ويجھو 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناري شيبا ڏهر کي رائونتي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي

ايس ايڇ او رائونتي محمد ايوب ڊوگر جو چوڻ آهي ته ڳوٺ محمد پور مان 25 ڏينهن اڳ هٿياربندن ڏھر برادري جي ناري شيبا ڏھر کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا جنهن کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي ۽ اغوا ڪندڙ ٻن جوابدارن شيرعلي تڙت ۽ خدا بخش تڙت کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته جوابدارن تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ناري شيبا ڏهر کي سول ڪورٽ اوٻاوڙو ۾ پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.