سکر: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، خورشيد شاهه پيش

سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ کي اين  آئي سي وي ڊي اسپتال مان  ايمبولنس ذريعي آندو ويو

ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد احمد شاھ سميت نامزد جوابدار پيش ٿيا، عدالت مختصر ڪاروائي بعد ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ان موقعي تي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته فرانس ۾ گستاخاڻا خاڪا  ٺاھڻ سان  دنيا ۾ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ان تي او آ ئي ايس خاموش ڇو آهي …

يد خورشيد شاھ چيو ته پي ڊي ايم جو ڪوئيٽا وارو جلسو ڪامياب ھو جنهن ۾ بلوچ، سنڌي، پنجابي ۽ پٺاڻن پاڪستان جي بقاءَ جي ڳالهه ڪئي .. ايس او ٽي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.