اوٻاوڙو: تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

اوٻاوڙي ويجھو تير رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتجي ۾ موٽر سائيڪل سوار علي رضا سميجو موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ وقار سخت زخمي ٿي پيو، جن کي رهواسين تعلقي اسپتال اوٻاوڙو آندو جتي زخمي جو علاج هلندڙ آهي جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي ڏهرڪي جي ڳوٺ ڄام فتح سميجو جا رهواسي آهن …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.