جيستائين مهانگائي ڪنٽرول نه ٿيندي، سُک سان نه ويهندس: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته جيستائين مهانگائي ضابطي ۾ نه ايندي، تيستائين سک سان نه ويهندس.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا کي ڪڻڪ ۽ کنڊ سميت ٻين ضرورت جي شين جي موجودگي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عسڪري ايئر لائين جا ريگولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائسنس ردڪرڻ ۽ عرب ملڪن جي شهزادن لاءِ لائيو اسٽاڪ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ٽي سي پي طرفان ڪڻڪ جي درآمد لاءِ پري شپمنٽ انسپيڪشن جي اجازت ڏني ۽ پاڪستان ريلويز جي بحالي واري پلان جي منظوري ڏيندي ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ ساز و سامان لڳائڻ بابت پاليسي جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ مهانگائي جي معاملي تي ڊگهو بحث ٿيو، ان موقعي تي وزيرن چيو ته وزير اعظم جا قدم درست آهن پر بيورو ڪريسي مسئلن جي حل ۾ رنڊڪ آهي. فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته ڪجهه بيورو ڪريٽ مهانگائي ۾ گهٽتائي واري رستي تي رنڊڪ بڻيل آهن پر ڪنهن وزير طرفان ڪمزوري آهي ته ان جي به نشاندهي ٿيڻ گهرجي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ بابت درست انگ انک نه ڏيندڙ آفيسرن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي.

ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته معاملي جي تهه تائين وينداسين، عوام جي ڏکيائين جو مڪمل احساس آهي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي منهنجي ترجيح آهي پر جيستائين مهانگائي ڪنٽرول نه ٿيندي، سک سان نه ويهندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.