اسلام ڪوٽ ويجهو اسڪولي عمارت زبون

مٺي (ڊ ر) اسلام ڪوٽ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ قائم اسڪولن جون عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي ويون آهن، وڏي عرصي کان قائم اسڪولن جي عمارتن جي هڪ ڀيرو به مرمت ناهي ٿي سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ٽسينگڙي ۾ 1976ع کان هلندڙ گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول جنهن جي بلڊنگ 2000 ع ۾ ٺهي جنهن کي 20 سال پورا ٿي چڪا آهن جيڪو سخت برساتن سبب عمارت هنڌان هنڌا ڪريڪ ٿي وئي. اسڪول ۾ پڙهندڙ چاليهه کان مٿي شاگرد وڻن هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. ڳوٺ ٽسينگڙي جي رهواسين ڏاهو رام، پريمچند، گنگو، وينجھراج، سگرام ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ترت معاملي جو نوٽيس وٺي نئين سر عمارت تيار ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.