قمبر ۾ايس ٽي پي اڳواڻ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج

قمبر ( ن ع آ )  ۾ ايس ٽي پي واره جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر اشتياق ابڙو کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ حيات تنيو،الا بخش جاگيراڻي،جبران چٽو، ارباب جويو، راجه سوڍر ۽ ٻين چيو ته ڇهه مهينا اڳ ڊاڪٽر اشتياق ابڙو کي وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل ڪرولا ڪار نمبر بي ايڇ ڊي 457 ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو هو، جنهن جي ايف آئي آر وڳڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي جنهن جا جوابدار اڄ تائين آزاد آهن جڏهن ته ڊاڪٽر اشتياق ابڙو ڪيتري عرصي کان علاج هيٺ آهي جيڪو صحتياب ٿيڻ تائين معزوي واري زندگي گذاري رهيو آهي ان سلسلي ۾ اسين انتظاميه وٽ ڪيترا ڀيرا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پنڌ ڪيا پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر اشتياق ابڙو کي زخمي ڪندڙ گاڏي سميت جوابدارن گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.