نوابشاهه هاءِ وي ڊويزن ۾ ٽينڊر نه ٿيا، ٺيڪيدارن جو احتجاج

نوابشاهه ( ڊ ر ) پراونشنل هاءِ  ويز ڊويزن شهيد بينظير آباد جي ايگزڪيٽو انجنيئر عبدالمجيد پنهيار جي آفيس ۾ اڄ 75 ڪروڙ روپين جي ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر جاري ڪرڻا هُيا جنهن لاءِ ڪيترائي سرڪاري ٺيڪيدار مقرر ٿيل وقت تي آفيس پهتا، پر ٽينڊر جاري ڪرڻ جي وقت کي ٻه ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود انجنيئر پاران ٽينڊر جاري نه ڪيا ويا، اهڙي قائدن ۽ قانونن جي لتاڙ خلاف سينئر سرڪاري ٺيڪيدارن محمد حنيف راجپوت، ممتاز علي چانڊيو، وقاص علي راجپوت، روشن علي چانڊيو، بابر علي، مهندر لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انجنيئر جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو،  انهي موقعي تي سرڪاري ٺيڪيدار ممتاز علي چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ايگزڪيٽيو انجنيئر مجيد پنهيار جنهن جي اصل ۽ مستقل پوسٽنگ ڪوسٽل هاءِ وي ۾ آهي پر سنڌ اندر جيڪي به اربين کربين روپين جا ترقياتي ڪم ٿين ٿا اُتان جي چارج مجيد پنهيار کي ڏني وئي آهي.نن چيو ته سندس ڀيڻيوو انجنيئر الهه ڏتو پنهيار پڻ ميگا ڪرپشن جي الزامن هيٺ نيب جي ڪيسن ۾ جيل اندر آهي، هنن چيو ته شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ 75 ڪروڙ روپين جي ترقياتي ڪمن جي اين آئي ٽي 8 اڪٽوبر 2020 تي اخبار ۾ شايع ٿي، قانون ۽ قائدي موجب انجنيئر کي 15 ڏينهن اندر مذڪوره ڪمن جا ٽينڊر جاري ڪرڻا هوندا آهن،هتي انجنيئر اقربا پروري ۽ پنهنجا نوازي جي بازار گرم ڪيو ويٺو ،جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي بُک هڙتالون ڪيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.