حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي جي علائقي ڀٽائي ڪالوني جي رھواسين طرفان سائيٽ پوليس ڪوٽڙي خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي  ظھور احمد ملاح، ذوالفقار علي ميراڻي،  اڪبر علي ملاح ۽ ٻين چيو تھ محمد عيسيٰ ملاح سائيٽ ايريا ڪوٽڙي ۾ ھوٽل ھلائيندو آھي. ھنن الزام مڙھيو تھ پوليس محمد عيسيٰ کان ڀتو گھريو، جيڪو نھ ڏيڻ تي پوليس بنا جواز چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ داخل ٿي، عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪندي پوليس حاجي عرس ۽ آصف ملاح کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي تھ ڄاڻايل پوليس عملدارن خلاف قدم کڻي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.