ڪوئيٽا جلسي ۾ ملڪي سالميت خلاف تقريرون ٿيون: ڪامران لاسي

حب(ن ع آ) بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ سردار ڪامران لاسي پي ڊي ايم جي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملڪي سالميت خلاف جلسي جي سخت مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته اهو ڪو سياسي پارٽين جو جلسو نه هو بلڪه پاڪستان خلاف سازش آهي، هن چيو ته ڪوئيٽا جلسو پاڪستان جي سالميت تي ڪاري ضرب آهي، ملڪي وحدانيت تي حملو ٿيو آهي، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان جو پرامن ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، انهن کي ناڪامي ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.