سکر ۾ قرض نه صحت جي موضوع تي عوامي ميڙاڪو

سکر(رپورٽر) ساڃاھ وندن چيو آھي ته پاڪستان جي هڪ سال جي قرض معاف ٿيڻ سان 1800 بلين بچندا جنهن سان پوري آبادي کي مفت ۾ ڪرونا کان بڇاءُ جي ويڪسين لڳائي سگهجي ٿي. ناري فائونڊيشن   ٽيڪس جسٽس اتحاد ۽ انڊس ڪنسورشم جي گڏيل سهڪار سان *قرض نه، صحت* جي موضوع تي ضلعي سطح جو عوامي ميڙاڪو ڪرايو. جنهن ۾ مقررن  پاڪستان اندر مهانگائي جي اُٿيل طوفان ۽ ملڪ جي معاشي ڏيوالپڻي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي سطح تي فنڊ جاري ڪندڙ  ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻاهريان قرض، وياج ۽ انهن جون قسطون معاف ڪري رقم عوام جي صحت، تعليم ۽ روزگار تي خرچ ڪيو وڃي. سيمينار ۾ ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن آفيسر سمندر علي ڀٽو، اڳوڻي يوسي چيئرمين غلام مرتضي! گهانگهرو، سماجي ڀلائي کاتي جي زبير مهر ۽ صحافي خالد ٻانڀڻ  چيو ته ملڪ تي 113 بلين آمريڪي ڊالر قرض آهي، جيڪا خطرناڪ صورتحال آهي، مٿان وري افرادي آمدني غربت واري لڪير کان گهٽجي وئي آهي، ان ٻڏتر واري صورتحال ۾ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وسيلن جي مالڪيءَ ڪري ارباب اختيارين کان حساب ڪتاب  وٺڻ گهرجي. اقتصادي صورتحال خراب ٿيڻ سان گڏ امن امان ۽ سيڙپڪاري پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هيومن رائٽس پروٽيڪشن فورم جي مرڪزي  چيئر پرسن آپا زبيده گهانگهرو، پ پ ليڊيز ونگ جي صدر قمرالنساء ڦلپوٽو، سماجي ڪارڪن فاطمه نعيم منگي،  چيو ته ڪووڊ 19 جي ملڪ تي وڌيڪ قرض چڙهيو آهي،

جنهن جو رڳو وياج ادا ڪرڻ لاءِ ساليانو ملڪي بجيٽ جو 80 سيڪڙو قرض لاهڻ لاءِ ادا ڪيو پيو وڃي.  جيڪا ڳڻتي واري صورتحال آهي، جنهن جو واحد حل ٻاهرين قرضن جو معاف ڪرائڻ ۾ آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽ جي روشني ۾  ملڪ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي عالمي امدادي ادارا قرض معاف ڪرڻ جا پابند آهن. سول سوسائٽي جي ديدار ميراڻي، شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو، وڪيل اڳواڻ الاهي بخش ميتلو،  حاڪم گل مهر ، جاويد سولنگي. محمد ياسين  ۽ ناري فاائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊئريڪٽر انور علي مهر چيو ته ملڪ ۾ حڪمرانن جي غلط پاليسين جي کنيل قرض جو عذاب عوام  ڀوڳي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.