عالمي مالياتي ادارا قرض کي ختم ڪن

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي ساڃاھ وندن ملڪ ۾ صحت توڙي وڌندڙ مھنگائي ۽ بيروزگاري واري صورتحال کي انتھائي خطرناڪ قرار ڏيندي عالمي مالياتي ادارن کان قرضن ۽ قسطن جي ادائيگي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تہ قرضن جي قسطن ۾ ڇوٽ ڏئي اھي پئسا صحت ۽ تعليم تي خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. جيم خانہ مڪلي ۾ سماجي تنظيم ڌرتي ڊولپمينٽ سوسائيٽي پاران ”قرض نہ صحت“ جي عنوان سان سڏايل سيمينار کي سماجي اڳواڻ منصور ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ ملڪ ھِن وقت عالمي قرضن ۾ جڪڙيل آھي،019ع، 20ع ۾ عالمي مالياتي ادارن جو پاڪستان مٿان 44،563.9 بلين آمريڪي ڊالر ھو، جنھن ۾ آبادي جي بنياد تي ھر فرد ڄمڻ کان 524 آمريڪي ڊالر قرضي آھي.ڏھن تہ 2019ع ۾ 14.58 آمريڪي ڊالر عالمي مالياتي ادارن کي قرض واپس ڪيو ويو آھي. ھن چيو تہ گذريل ٻن ڏھاڪن کان پاڪستاني معيشت وڏن معاشي ۽ بنيادي مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي. ھن چيو تہ عالمي ادارن جي قرضن جي بوجھ سبب غربت ۽ صحت جي حوالي سان مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن ۽ بيروزگاري پڻ اضافو ٿيو آھي. سيمينار کي سينيئر صحافين اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، سوشل ويلفيئر آفيسر خدا بخش بھراڻي، تعليمدانن صديق پليجو، عبدالقادر پالاري، ڪوھستان جي سياسي، سماجي اڳواڻ غلام رسول شورو، مير محمد بلوچ، رحيم سمون، وڪيل ۽ شاعرہ گل بيبي شاھ ۽ ٻين چيو تہ ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ بيروزگاري ۽ مھنگائي غريب عوام کي ويتر تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي، ماڻھو ھڪ ويلي لاءِ بہ پريشان آھن، ملڪي عوام انيڪ مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.