پيروسڻ لڳ زمين تي قبضو،متاثرن جو احتجاج

ٺري ميرواهه  ( ت ر ) پيروسڻ لڳ ڳوٺ لانڍهي بلوچ خان زرداري ۾  بااثر ماڻهن پاران زمين تي قبضو ڪرڻ تي احتجاج، ان موقعي تي غلام سرور زرداري ۽ نصير احمد زرداري احتجاج ڪندي چيو ته بااثر محمد رفيق ڪمبوهه، عبدالحميد ڪمبوهه ۽ ٻيا اسان جي زمين تي هٿيارن جي زور تي زبردستي قبضو ڪري رهيا آهن، هو بااثر آهن، اسان غريب مسڪين آهيون، هنن اسان جي زمين مان 200 سو کان مٿي وڻ ڪٽرائي ڇڏيا آهن، اسان وڃون ٿا ته هو اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪري رهيا آهن، اسان پيروسڻ پوليس وٽ دانهن کڻي ويا آهيون، پر پيروسڻ پوليس هنن سان ڌر بڻيل آهي، ايس ايس پي خيرپور قبضو ختم ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.