فرانس جي صدر ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي:جي يو آءِ اڳواڻ

سکر(رپورٽر) جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ جي بزنس فورم جي چيئرمين سيد آغا محمد ايوب شاھ چيوآھي ته حضور پاڪ جي شان۾اسان گستاخي برداشت نه ڪنداسين، سھڻي پاڪ پيغمبر جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو دھشتگرد آھي، اسان سڀ ڪجھ برداشت ڪري سگھون ٿا پر حضور پاڪ جي شان۾ گستاخي ھرگز برداشت نه ڪنداسين، فرانس جي صدر ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آھي، جنھن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا، اھڙن خيالن جو اظھار ھن سادات ھائوس سکر ۾ جي يوآءِ سٽي سکرجي ترجمان مفتي اعظم مھر ابوجنيد چوھاڻ حافظ رفيق احمد شر لال محمد چاچڙ محمدحنيف ملڪ سان ملاقات دوران ڪيو جي يوآءِ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ ھوته تمام اسلامي ملڪن کي گھرجي ته فرانس جي سفير کي پنھنجي اسلامي ملڪن مان نيڪالي ڏني وڃي۽ پنھنجي سفيرکي فرانس مان واپس ڪيو وڃي ھن چيوته اسلامي ملڪن جا سربراھ اوآئي سي جو اجلاس گھراين.

کهڙا لڳ پ پ  اڳواڻ مرحوم يونس کيمٽيو جو ٽيجهو، قائم علي شاهه ٻيا شريڪ

کهڙا ( ن ع آکهڙا ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل اڳوڻي يوسي ناظم پ پ اڳواڻ يونس کيمٽيو جو ٽيجهو. ايم پي اي نعيم خان کرل. سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين جي شرڪت. 3 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي خيرپور روڊ تي فريد آباد وٽ ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿي ويل اڳوڻي يوسي ناظم. پ پ اڳواڻ محمد يونس کيمٽيو جو ٽيجهو کهڙا ڀرسان ڳوٺ حاجي نواب کيمٽيو ۾ ٿيو سندس پٽ حسين علي کيمٽيو کي پڳ ٻڌائي پير سيد بچل شاهه جيلاني، سيد شفقت شاھ، ٻين چڱن مڙسن پڳ کي ور ڏنا. ٽيجهي جي تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، برادرين جي چڱن مڙسن ۽ ڳوٺاڻن سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

نوابشاهه ۾ الوداعي مجلس عزا ، عالمن خطاب ڪيو

نوابشاهه(ڊ ر) شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ۽ جعفريه يوٿ نوابشاهه پاران شهادت حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام ۽ الوداعي سالياني مجلس عزا امام بارگاهه يادگار ڪربلا ۾ منعقد ڪئي وئي، مجلس عزا کي بزرگ عالم علامه معراج حسين لغاري قُمي، زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، مولانا محمد عالم مري، سلامت ساجدي، آصف حسين الحسيني ۽ مولانا مشتاق علي مري خطاب ڪندي چيو ته دين اسلام لاءِ پاڪ رسول صه جي آل تمام وڏيون مصيبتون ۽ مُشڪلاتون برداشت ڪيون ان وقت جي ظالم حڪمرانن پنهنجي اقتدار ۾ ظلم ڪرڻ کانپوءِ آل رسول صه کي قيدي بڻايو ويو،

احمدپور لڳ 12 ربيع الاول  جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي

 

احمدپور( ن ع آ ) احمدپور لڳ ڳوٺ وسطڙا ۾ 12 ربيع الاول جشن آمد رسول صه جي سلسلي ۾ سالياني شاندار محفل ۽ريلي ڪڍي وئي ريلي جي تقريب ۾ سنڌ جي مشهور علماءُ اقرامن سيد طارق علي شاهه جيلاني ۽ ٻين خصوصي خطاب ڪيو جڏهن ته  نعت خوانن حسام الدين وسطڙو، نصرالله وسطڙو ، محمد ابراهيم وسطڙوجن محمد مصطفيٰ صه جي شان ۾ نعتون پڙهيو ان موقعي تي  مقررين خطاب ڪندي چيو ته محبوب مصطفيٰ صه جي آمد جو ڏهاڙو عيد کان وڌيڪ خوشي جو ڏهاڙو آهي اسان سڀني مسلمانن کي ڀرپور نموني ملهائڻ گھرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.