سيپڪو جو ڊائريڪٽر فنانس بجلي چور نڪتو

سکر (رپورٽر) سکر  ڊاريڪٽر سيپڪو فنانس پاڻ بجلي چوري نڪتو ، سيپڪو ٽيم سندن  گھر ۾ ھلندڙ ڊاريڪٽ بجلي ڪنڊا پڪڙي ورتا آهن گھوٽڪي ء جي علائقي موسو اعواڻ ڳوٺ ۾  سيپڪو ايم اينڊ ٽي جي ريجنل انچارج عقيل احمد جوڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم  ڊائريڪٽر سيپڪو فنانس امداد ميراڻي جي رھائش گاھ تي ڪاروائي ڪري.گھر ڏانھن  چوري بجلي جا ھلندڙ ڪنڊا پڪڙي ورتا ايم اينڊ ٽي جي انچارج عقيل احمد جوڻيجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيپڪو فنانس ڊائريڪٽر امداد ميراڻي جي گھر ۾ سالن کان بجلي چوري ھلي رھي ھئي گجھي اطلاع تي کين ڪاروائي ڪري چوري ھلندڙ بجلي ڪاٽا ڪري سيپڪو چيف کي رپورٽ ڪئي آھي عقيل جوڻيجو جو چوڻ ھو ته فنانس ڊاريڪٽر جي وڏي پوسٽ آھي پر افسوس سيپڪو جا آفيسر خود ئي بجلي چوري ڪري استعمال ڪري رھيا آھن..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.