اوٻاوڙي ۾ مهانگائي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو ۾ مارڪيٽ انتظاميا جي نااهلي سبب عام واهپي جي شين جا ھٿرادو اگھه مقرر  سرڪاري طور تي مقرر اگھن کان روز مرھ جون شيون وڌيڪ ملھ ۾ وڪرو ٿيڻ لڳيون ريٽ لسٽون غائب واپارين توڙي دوڪاندارن پنھنجا من پسند اگھ مقرر ڪري ڇڏيا مهانگائي چوٽ ڇڙهي وئي اٽو 70 رپيا ڪلو ، کنڊ 100روپيا ڪلو ، مڱن جي 320 رپيا ڪلو ، دال چڻا  180 رپيا ڪلو ماش دال 350 رپيا ڪلو گيھ کليل  240 رپيا ڪلو مرچ ڳاڙها 550 رپيا ڪلو ڪارا مرچ 1600 رپيا ڪلو چانه ڪلو 840 رپيا ڪلو، چانور  140 رپيا ڪلو  ڏاڙهو 200 رپيا ڪلو ، انگور 280 رپيا ڪلو ٻاڪرو گوست 1100 رپيا ڪلو، گوست  500 رپيا ڪلو ، مرغي جو گوشت  380 رپيا ڪلو ، مڇي 500 رپيا ڪلو ، ٽماٽا 180 رپيا ڪلو ، ساوا مرچ 200 رپيا ڪلو ، بصر 70 رپيا ڪلو ، هيڊ ، ٿوم ، ڀينڊي ، بھ  سميت ٻين عام واهپي جي شين جا اگھ بہ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. 300 کان 500  روپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور طبقو مهانگائي سبب سخت پريشان ٿي ويو آهي  پورهيت طبقي ۽ سول سوسائٽي ٻين دانهيندي چيو تہ ظلم جي انتها ٿي وئي آهي هڪ طرف حڪومت طرفان ايڏي تہ مهانگائي ڪئي وئي آهي ۽ اوٻاوڙو ۾ مارڪيٽ انتظاميا دڪاندارن ۽ واپارين کي مقرر اگھ وصول ڪرڻ جو پابند نہ بڻائي سگهي جنهن سبب سڄو ڏينهن  مزدوري ڪرڻ باوجود ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان قاصر بڻيل آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.