بدين ۾ غريب عوام لاءِ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا

بدين ( ڊ ر ) سنڌ حڪومت پاران عوام سستو اٽو وڪرو جي حڪم کان پوءِ بدين جي ڊي سي  ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال بدين ۾ اٽو مھانگو ڪرڻ جو نوٽيس ورتو، بدين مختيار ڪار محمد اڪرم ڪنڀار پاران بدين شھر ۾ اٽو سستو فروخت ڪرڻ جا ا سٽال لڳي ويا 10 ڪلو بيگ   418 روپيا ريٽ مقرر بدين جي شاھين فلور مل . قاضيه واھ پل سميت گولاڙچي روڊ تي سستي اگھه تي اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي بدين جي مختيارڪار محمد اڪرم ڪنڀار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران اٽو گهٽ اگھه تي وڪرو ڪرڻ جا سنڌ پاران حڪم جاري ٿيڻ  کان پوءِ بدين جي ڊپٽي ڪمشنر پاران بدين جي غريب ماڻهن لاءِ سستو اٽو وڪرو ڪرڻ جا شھر ۾ اسٽال لڳائي ڇڏيا آهن جتان ماڻهو پنهنجي گهرج مطابق اٽو خريد ڪري سگهن ٿا .

ھن چيو ته بدين جي ٻين شهرن سيراڻي ڀڳڙا ميمڻ. ڪڍڻ نندو ۾ پڻ اڄ کان سستي اگھه تي اٽو وڪرو ڪرڻ جا اسٽال لڳايا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.