سکر ۾ ڪنو پاڻي روڊن تي بيٺل، احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر شهر ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب گندو پاڻي روڊن تي ڪاهي پئجي ويو، ڍڪ روڊ وٽ نالين جو گندو پاڻي دڪانن ۾ ڪاهي پئجي ويو، ميونسپل انتظاميا غائب، دڪاندارن جو احتجاج، خبرموجب: سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ صفائي جو نظام انتهائي خراب ٿي ويو آهي، شهر جي مک روڊن، رستن، چوڪن تي نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي جمع ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، گذريل ڏينهن صفائي نه ٿيڻ سبب شهر جو مک ڍڪ روڊ، مهراڻ مرڪز، اسٽيشن روڊ، تير چوڪ وارن علائقن ۾ نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي ڪاهي پئجي ويو، هوڏانهن شهر ۾ نالين جو گندو پاڻي جمع ٿيڻ باوجود ميونسپل انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا، ان ڏس ۾ دڪاندارن احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب شهر جو مک ڍڪ روڊ گندگي جي ور چڙهيل آهي، نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن، دڪانن ۾ ڪاهي پئجي ويو آهي، ڪيترائي ڀيرا ميونسپل انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود شهر ۾ صفائي جي صورتحال کي بهتر نه پيو بڻايو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.