شداڻي درٻار تي گوبند رام جي جنم ڏڻ جون تقريبون

جروار (ن ع آ) شداڻي درٻار حيات پتافي جي اٺين  گاديسر گوبند رام صاحب جو 76 هون جنم ڏينهن وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو آهي جنم ڏينهن جي  تقريب۾ ضلعي جي مختلف شهرن مان عورت توڙي مرد وڏي تعداد ۾عقيدمند پهتاشداڻي درٻار کي ڪنوار جيان پڻ  سينگاريو ويو آهي ,ڀڳتن صدام چند خانپور وايو منڊل جي ڀڳتين  ڀڳت ڳائي آيل عقيدتمندن کي جهومائي ڇڏيو,ان موقعي تي آيل عقيدتمندن ٻڌايو ته اٺين جوت سنت گوبند رام جو جنم ڏينهن ملهائي دلي سڪون ملندو آهي انهن جو چوڻ هو ته سائين هميشه مدد ڪئي آهي سنت گوبند رام هندستان پاڪستان جي تعلقات کي سٺي نموني هلائڻ لاء جٿا منظور ڪرايا هيا آخر۾جنم ڏينهن جون تقريبون پتافي شداڻي درٻار جي ڀائي صاحب جئرام داس۽ عقيدتمندن رسمون ادا ڪيون ويون . ۽ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.