ڪنري ۾ پريميئر ليگ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميلو شروع ٿي ويو

ڪنري (رپورٽر) ڪنري شھر جي رحمت ڪالوني گرائونڊ ۾ ڪنري پريميئر ليگ سيزن 3 جو نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو شاندار آغاز ٿي ويو آھي، ٽورنامينٽ جي اففتاحي تقريب ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين حاجي شڪيل باجوه، غلام حسين ڪپري، پپو رضا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، حاجي شڪيل باجوه بال کيڏي ٽورنامينٽ جو آغاز ڪيو، آغاز دوران شاندار آتشبازي پڻ ڪئي وئي، ٽورنامينٽ ۾ تعلقي جي مختلف 16 ٽيمن حصو ورتو آھي.

جڏھن ته ٽورنامينٽ 20 ڏينھن تي مشتمل آھي، رانديگرن آيل مھمانن کي گلن جا ھار پارائي ڀليڪار ڪئي، ٽورنامينٽ جي پھرين ڏينھن ٻه ميچ ٿيا، پھريون ميچ آرائين بادشاھ ۽ افغان دوراني وچ ۾ کيڏيو ويو. افغان دوراني جي ٽيم پھرين ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 8 اوورن ۾ سامھون ٽيم کي کٽڻ جي لاءِ 135 اسڪورن جو حدف ڏنو، مخالف ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 115 اسڪور ٺاھي سگھي اھڙي ريت ٽورنامينٽ جو پھريون ميچ افغان دوراني کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي جڏھن ته افغان دوراني جو رانديگر ڪرشن ميگھواڙ 40 اسڪور ۽ 2 وڪيٽون ڪرائي ميچ آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو، ٽورنامينٽ جو ٻيو ميچ ذلمي ٽائيگر ۽ پختون اليون فلڪ وچ ۾ کيڏيو ويو. پختون اليون ٽاس کٽي پھرين بيٽينگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 84 اسڪور ٺاھيا جڏھن ته مخالف ٽيم ذلمي ٽائيگر جي ٽيم 80 اسڪور ٺاھي ھارائي وئي، پختون اليون جو رانديگر مير زمان 2 وڪيٽون ڪرائڻ ۽ بھترين بالينگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو، ميچ ڏسڻ لاءِ شوقينن جو وڏو انگ موجوف ھو جنن انعامن ڏئي ۽ تاڙيون رانديگرن جي خوب حوصلا افزائي ڪئي، ٽورنامينٽ ۾ راڻا اشرف، سائين زاھد آرائين ۽ صدام ڪپري ڪمينٽري جا فرض سرانجام ڏئي رھيا آھن.

سکر ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي ولادت ڏهاڙي بابت تياريون جاري

سکر(رپورٽر) خاتم المرسلين حضرت محمد صه جي ولادت واري مهيني جي شروعات ۾ ئي ملڪ سميت سکر ۾ جشن عيد ميلاد النبي مذهبي صه مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن. سکر سميت پوري ملڪ ۾ ريليون ڪڍي پرچم ڪشائي جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. سکر ۾ مختلف مذهبي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي پرچم ڪشائي ڪئي پئي وڃي. شهر جي بازارن، ڪاروباري مرڪزن، چوڪن، چوراهن تي سبز گنبذ وارا پرچم لڳايا ويا آهن.. جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ رنگين لائيٽون لڳائي 12 ربيع الاول جي تيارين جي شروعات ڪئي وئي آهي.

نصير آباد ۾ جوا ۽ منشيات جو آزار، شهرين پاران تدارڪ جو مطالبو

 

نصيرآباد (رپورٽرر)شھر ۾ جوا ۽ منشيات جو آزار چوٽ چڙهي چڪو آهي، پوري شھر ۾ ھر گھٽي ۾ ڀنگ، چرس، آفيم ۽ آئيس جو نشو سر عام پوليس جي سرپرستي ۾ ھلي رھيا آھن، شھرين جي احتجاجن باوجود ڪو به نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي، شھر واسين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نصيرآباد شھر مان منشيات جو آزار بنا دير ختم ڪرايو وڃي.

گهوٽڪي ضلعي ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن: ڊي سي عثمان عبدالله

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ڊي سي گهوٽڪي عثمان عبدﷲ جي هدايتن تحت سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب فلورملز جي تعاون سان ضلعي جي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ميرپورماٿيلو سميت سموري ضلعي ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آھن، جيڪي گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، خانڳڙه ۽ اوٻاوڙو ۾ قائم ڪيا ويا آهن جتي عوام کي 40 روپيا في ڪلو جي حساب سان اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 10 ڪلو وارو ٿيلهو 400 روپين ۾ ملي پيو. ان سلسلي ۾ ڊي سي گھوٽڪي سمورن مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته سستي اٽي جي اسٽالن تي روينيو عملو مقرر ڪيو وڃي جڏهن ته اٽو خريد ڪندڙن جو رڪارڊ پڻ رکيو وڃي ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، .ھوڏانھن ميرپورماٿيلو ۾ قائم سستي اٽي جي اسٽال جي انچارج اسسٽنٽ مختيارڪار جميل کوسو ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو تہ پھرين ڏينھن تي اٽي جي ڏھ ڪلو جا 7 سئو ٿيلھا گھرايا ويا آھن، جيڪڏھن اھي وقت کان اڳي ھلي ويا تہ ٿيلھا وڌايا ويندا،ھن چيو تہ شڪايت جي صورت ۾ فوري طور کيس رابطو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.