عثمان شاهه هڙي ۽ ڀرپاسي ڪارروايون، منشيات هٿ

عثمان شاهه هڙي (ن ع آ)عثمان شاهه هڙي ويجهو ايس ايڇ او پيارو لنڊ محمد رحيم گوپانگ نيو ميرآباد عمراڻي پيٽرول پمپ وٽ ميوو پارڪريو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 200 مين پوڙيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي مٿس ڪيس درج ڪري ورتو آهي. ٻي طرف ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري هڪ شخص روپو ولد سوجو پارڪريو ڪولهي کي گرفتار ڪري مٿن ايف آءِ آر 42 يو ايس 8. ايس پي پي ايم ايس يو جي ايڪٽ 2019ع تحت مٿس ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ محفلن جو سلسلو شروع

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ)جشن عيد ميلاد النبي صه جو ڀلاري مهينو شروع ٿيندي ئي ميلاد النبي جون پُرنور محفلن جو سلسلو جاري و ساري آهي. انهي سلسلي ۾ درگاهه شيخ ڀرڪيو آچاري معروف سمنڊ سائين جو سالان عرس مبارڪ اڄ عقيدت احترام سان ملھايو ويو، جنهن ۾ پوري پاڪستان جي مريدن ۽ عقيدت مند علائقي  جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گادي نشين ميان عجاز شيخ طرفان درگاهه کي چراغن کان سينگاريو ويو هو ۽ جشن عيد ميلادالنبي صه جو پُرنور جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي کي  پاڪستان جي مشهور علامه مولانه حضرت عبدالحق علامه مولانا حافظ غلام محمد سوهو درگاھ مڪان شريف جي گادي نشين پير عارف شاھ ميان اسد شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسئيشن طرفاب سسوا سنڌ جي نالي سان ٺهرايل گهڙيال ورهايا ويا

گڏاپ (ن ع آ) سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسئيشن (سسوا) سنڌ طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سسوا سنڌ جي نالي سان ٺهرايل گهڙيال ورهايا ويا، معززن طرفان غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪيل خدمتن جي ساراهه، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري مشن کي زندگي جي آخري گهڙي تائين جاري رکيو ويندو، اسان جي زندگي جو اصل مقصد بنا ڪنهن رنگ نسل جي غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جي خدمت ڪرڻ آهي، جلد ڪراچي ۾ ڪنوينشن ڪرائڻ جو اعلان ڪنداسين. جنهن جي ميزباني سسوا سنڌ ڪندي: سسوا سنڌ جو فائونڊر صدر الدين شيخ    خبر موجب: سجاڳ شيخ ويلفيئر ايسوسئيشن (سسوا) سنڌ رجسٽرڊ طرفان پهرين مرحلي ۾ سسوا سنڌ جي فائونڊر صدر الدين شيخ،  چيئرمين اليڪشن ڪميٽي ممتاز علي شيخ، مرڪزي فنانس سيڪريٽري نظير احمد شيخ ۽ ٻين سنڌ جي مختلف شهرن حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قمبر، نصيرآباد، ميهڙ ۽ سيوهڻ ۾ سسوا سنڌ جي نالي سان سان ٺهرايل گهڙيال ورهايا، مختلف شهرن ۾ دوري دوران معززن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪيل خدمتن تي سسوا سنڌ جي ساراهه ڪئي، ان موقعي تي  معززن حافظ ظهير احمد، محمد يوسف، ماما محمد رمضان، اويس علي شيخ، سرفراز، اڳوڻو وائيس چيئرمين ٽي ايم اي شهدادڪوٽ ايڊووڪيٽ پرويز احمد، زين العابدين سڪندر علي، اڳوڻو چيئرمين ٽي ايم اي قمبر شعبان احمد، سعيد احمد، حاجي محمد رفيق، عبدالغفار، حافظ عبدالرئوف، اڳوڻو ڪائونسلر وسيم راجا، منير احمد عطاري، اڳوڻو ڪائونسلر ۽ ايڊووڪيٽ عبدالسميع، شڪيل احمد، بشير احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

ماٿيلي ۾ قادري تحريڪ پاران جشن عيد ميلاد جي سلسلي ۾ ريلي

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) ميرپورماٿيلو ۾ قادري تحريڪ پاران صاحبزادہ سيد فاروق احمد شاھ،غلام مصطفا قادري ۽ مولانا محمد حسين قادري جي اڳواڻي ۾ جشن عيد ميلاد نبي صلي اللہ عليه وآله وسلم ريلي ڪڍي وئي آھي، ريلي ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪري ٽن ڪلاڪن تائين سموري شھر جو گشت ڪيو ۽ مرحبا يا مصطفا ۽ محبوب کي آمد مرحبا جا نعرا ھنيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.