ڪوٽڙي لڳ زمين تان جهيڙو، ڪهاڙيون هڻي 18 ڄڻا مرڻينگ: 4 ڄڻن جي حالت خراب

ڪوٽڙي (رپورٽ:جبار ڪابورو) ڄامشوري لڳ سپرهاء تي لوڻي ڪوٽ واري علائقي۾  ڳوٺ بادل شوري ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان شورا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران گوليون، ڪهاڙيون ۽  لٺيون لڳڻ سبب 18 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن مان چئن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙجهيڙي ۾ شورا ذات جي چاوڙا پاڙي سان تعلق رکندڙ ٻن ڌرين ۾ لٺيون، ڪهاڙيون ۽ بندوقون هلنديون رهيون جنهن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن کي وارث چنگچي رڪشائن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ ڪوٽڙي اسپتال کڻائي آيا، جڏهن ته اطلاع تي لوڻي ڪوٽ پوليس پڻ پهتي جنهن بعد ڪجھ زخمي پوليس موبائيل ۾ پڻ منتقل ڪيا ويا، لوڻي ڪوٽ پوليس موجب  ڳوٺ بادل شوري ۾ شورا برادري جي چاوڙا پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ زمين جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن بعد اڄ هڪ ڌر پاران تڪراري زمين تي وڃڻ تي جهيڙو ٿي پيو آهي، جڏهن ته هڪ ڌر جو اهو به چوڻ هيو ته زمين جي تڪرار سان گڏ اڄ ڳوٺ ۾ گهٽيء تان پڻ تڪرار ٿيو جنهن تي جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان چئن ڄڻن جي حالت نازڪ آهي جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جڏهن ته باقي زخمي ٿيلن مان 4 ڄڻا ڪوٽڙي جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ زير علاج آهن جڏهن ته 10 ڄڻن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کان پوء گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. زخمين ۾  قاسم شورو، پنهل شورو، عطاء الله شورو، ربنواز شورو، منظور شورو، محمد بخش شورو، صادق شورو، اصغر شورو، منور شورو، الهبچايو، نصرالله، الله بخش، علي مراد ۽ ٻيا شامل آهن.  گوليون لڳل چئن زخمين جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ منظور، ربنواز، عارف ۽ گل محمد شامل آهن. ايس ايڇ او لوڻي ڪوٽ ايوب اوڍو موجب واقعي ڳوٺ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي مرضي موجب سندن فرياد تي ايف آء آرز ڪاٽيون وينديون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.