نئين ديري لڳ ڳوٺاڻو گوليون هڻي مرڻينگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نئون ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعدوديرو ۾ گوپانگ ۽ مڱڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ سڱاوتي معاملي تان هٿياربندن  گوليون هڻي 45 سالن جي غلام مصطفيٰ مڱڻيجو کي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، اطلاع تي نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس پهچي زخمي کي هٿڪڙيون لڳائي کيس پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو..  ان موقعي تي زخمي جي ڀاڄائي مسمات پونم مڱڻيجو صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ مشتاق گوپانگ جي پٽ سجاد گوپانگ طرفان پيرل مڱڻيجو جي ڌيءُ زڪيه کي کڻي ويو هو جيڪي مسلسل معاملي کي حل نه پيا جنهن ڪري ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو ۽ ان دوران گوپانگ برادري طرفان اسان جي مردن کي موتمار ڌمڪيون به ڏنيون وينديون آهن اڄ گوپانگ برادري سان واسطو رکندڙ هٿياربندن گوليون هڻي منهنجي ڏير غلام مصطفيٰ مڱڻيجو کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. هن الزام لڳايو ته غلام مصطفيٰ کي جيئن اسپتال داخل ڪرايو جتي نئون ديرو پوليس پهچي کيس هٿڪڙيون هڻي وڏي ناانصافي ڪئي آهي. هن چيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏير کي زخمي به ڪيو ويتر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڏير کي هٿڪڙيون هنيون آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته زخمي غلام مصطفيٰ مڱڻيجو 16 ڪيسن ۾ اشتهاري جوابدار آهي جنهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.