الشهباز ايريگيشن پاران ملازمن سان زيادتين خلاف ريليون، ڌرڻا، 4 نومبر تي ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) الشهباز ايريگيشن ورڪرز سي بي اي يونين پاران روهڙي ڊويزن جي انجنيئر طارق احمد ڪيهر جي زيادتين، ننڍن ۽ معذور ملازمن جون ٽن مهينن جون پگهارون بند ڪرڻ، بدليون ڪرڻ،  اسپير ۽ جائز پروموشن ختم ڪرڻ خلاف موري ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، يونين جي صدر عيسيٰ سنگراسي، چيئرمين محمد حسن زرداري، محمد بخش ڪورائي، عزيز الله سنگراسي، شوڪت بيهڻ، سڪندر درونگهه، عاشق حسين لنڊ، نظير ڪوري، منير جويو ، حڪيم زرداري، محمد مشوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته روهڙي ڊويزن ۾ ايريگيشن جي ننڍن ملازمن سان زيادتيون وڌي ويون آهن، ڊويزن ۾ 65 ماڻهن جا غيرقانوني پروموشن ٿيل آهن، عيسيٰ سنگراسي چيو ته جيڪي ملازم دبئي ۽ سعودي ۾ آهن انهن جون پگهارون هلندڙ آهن، جيڪي ڊيوٽي ڪن پيا انهن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، هن چيو ته 2012ع کان 2020ع تائين خالي پيل جايون ڪاڏي ويون، فوتي ۽ريٽائر ملازمن جي جاءِ تي 110 من پسند آفيسر ۽ ڪلارڪن جا آرڊر ڪرائي آءِ ڊي کولرائي وئي آهي، هن چيو ته انهن ڀرتين ۾ پئسا ورتا ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته جعلي پروموشن ۽ جعلي آرڊر ڪينسل ڪري انهن جاين تي فوتي ملازمن ۽ رٽائر ٿيل ملازمن جي اولاد کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن، انجنيئر کي نه هٽايو ويو ته 4 نومبر تي چيف انجنيئر سکر بئراج جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا، هوڏانهن محمد عيسيٰ ٰ سنگراسي جي حڪم تي پوري سنڌ جيان گهوٽڪي ۾ به الشهباز فيڊريشن سنڌ جي سڏ تي ايريگيشن جي ملازمن پاران مورو ڊويزن جي انجئنير طارق ڪيهر جي ظلمن ۽ ڪرپشن خلاف ملازمن ايريگشن ڪالوني کان گهوٽڪي ڊائريڪٽر سيڊا فيڊر سرڪل جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳوڻن لالا قيصر زمان پٺاڻ، محمد ملوڪ ڀٽو، نوربخش بروهي، آغا عقيل پٺاڻ، سيد ساجد علي شاھ،صالح آصف سميجو، مختيار احمد ڪولاچي ۽ ٻين خطاب ڪيو،هوڏانهن  ٺٽي ۾ اڳواڻن سينيئر نائب صدر قربان علي جوڻيجو، ڪلري بگھاڙ ڊويزن جي صدر مير علي سولنگي، جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز ٻٻر، ڊرينج ڊويزن جي چيئرمين عطاء الله کهڙو، صدر پير محمد علي شاھ، جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميمڻ، ممتاز خاصخيلي، بابو گندرو، RBOD ملازم اڳواڻ نواز علي جماري جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.