شادي پلي ۾ مل نه هلڻ ڪري ڪمند سڪڻ لڳو

شادي پلي( ن ع آ  ) حڪومتي دعوائون ڌوڙ  ميرپورخاص شگر مل انتظاميا پنھنجي ھوڏ تي قائم رھندي چمنيون ٻارڻ باوجود پيڙائي  شروع نـ ڪري سگھي آھي ـ جنھنڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو تيار فصل وزن گھٽائي سڪڻ لڳو آھي ۽ ربيع جي فصل جي پوکائي پڻ سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي  ـ اھڙن خيان جو اظھار ھتان جي آبادگارن چاڪر خان بلوچ ـ الھجڙيو بلوچ ـ ھرسنگ ڪولھي ـ بابو ڀيل ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو  ـ ان موقعي تي ھنن چيو تـ ميرپورخاص شگر مل انتظاميا چمنيون ٻارڻ باوجود اڃا تائين ڪريشنگ شروع نـ ڪري سگھي آھي ـ جنھنڪري اسانجو سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو تيار فصل وزن گھٽائي سڪڻ لڳو آھي ـ شگر ملز انتظاميا مليل 15 آڪٽوبر تاريخ گذرڻ باوجود ڪريشنگ شروع نـ ڪري اسان کي نقصان ڏئي رھي آھي سنڌ حڪومت سميت اعلـ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تـ نوٽس وٺي شگر ملون چالو ڪري آبادگارن کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.