قاضي احمد ۾ ڪاڄ ۾ فائرنگ، ڄاڄي قتل، 3 ڄڻا گرفتار

قاضي احمد (رپورٽ:مومن جوڻو) گذريل رات دير سان قاضي احمد شھر جي سردار ڪالوني ۾ شاديء جي ھلندڙ  تقريب دوران راڳ جي محل جي پڄاڻي بعد  مبينا طور فائرنگ ڪري گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾   دادو واسي عبدالحمير ولد عبدالحميد وگھيو مارجي ويو.اھڙي اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس اٽالا واقعي واري ھنڌ پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ سينٽر  قاضي احمد پھچايو جتي ڊاڪٽرن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جا وارث قاضي احمد پھچي لاش پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا هوڏانهن پوليس قتل واري واقعي بعد 3 ڄڻن گھوٽ جي ڀاءُ غلام رسول جتوئي محمد ء ڀان سعيد آباد واسي محمد پريل برھماڻي ۽ دلشير برھماڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آھي.  پوليس هڪ ڪار کي پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او قاضي احمد مقصود رضا مڱڻھار ٻڌايو ته مقتول جا وارث ٽن ڏھاڙن بعد ڪيس داخل ڪرائڻ جو چئي لاش کڻي  ويا آھن جاچ ڪريون پيا ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آھن قتل واري واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن هوڏانهن قتل واري واقعي بابت معلوم ٿيو آھي ته مذڪوره ڪالوني ۾ آصف جتوئي نالي شخص جي شادي جو ڪاڄ ھو جنهن ۾ فنڪار ممتاز مولائي جي راڳ جي محفل جي پڄاڻي بعد اهڙو واقعو پيش آيو.هوڏانهن شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان جي مارجي وڃڻ بعد ڄاڃين ۾ ڀاڄ پئجي وئي لاش ڪيترائي ڪلاڪ ڪرسي تي پيل رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.