ميرپور خاص: آبپاشي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ميرپور خاص ۾ آبپاشي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين جي سڏ تي ملازمن اقبال احمد لاڙڪ، علي بخش ، امام علي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ميرپور خاص آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران اسيمبلي ۾ بل پاس ڪري 2600 ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو ويو پر انهن جون آئيڊيون نه کوليون ويون آهن ۽ نه وري کين پگھارون جاري ڪيون ويون آهن جنهن ڪري ملازمن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي، هنن چيو ته ٻين کاتن ۾ ملازمن کي فوتي ڪوٽا ڏني وڃي ٿي پر ايل بي او ڊي جي ملازمن کي فوتي ڪوٽا نٿي ڏني وڃي، احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويندو …

رپورٽ- هاشم شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.